اسلا?? آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عر??اني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شا??ه ۽ علامه محمد اصغر شا??ل هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص ط??ر تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.