اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت ??ذم?? ڪئ?? ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئ??. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. وزيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.