اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??اڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس ??نيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??اڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ ??هولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پ??ر ۽ اسپورٽس ??نڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ ??اصلاحيت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ ??اندين جي تربيت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته ??اڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته ??دم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تسلسل قائم رکندي.