اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف نانگا پربت ۾ ڦاٿل جبل چاڙهو ??صف ڀٽي جي بازيابي جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف جي اپيل جو نوٽيس وٺندي گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽر?? کي هدايت ڪئي آهي ته ??صف ڀٽي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيف سيڪريٽر?? کي چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سان رابطو ڪندي ان جو حوصلو ٻڌائڻ جي به هدايت ڪئي. واضح رهي ته ??صف ڀٽي جو 7 هزار 500 ميٽر جي بلندي تي ڦاسڻ جي اطلاع آهي. چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سوشل ميڊيا جي ذريعي وزيراعظ?? محمد شهباز شريف کي پنهنجي پيءُ جي مدد جي اپيل ڪئي هئي.