اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??طي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي ??بد??لين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??يس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته ??نگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته ??هو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته ??ي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته ??نگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??هشتگردي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??هشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته ??طي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ??ها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ??يس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي م??ئل?? جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي ??بد??لي کي اهم م??ئل?? قرار ڏيندي چيو ته ??المي برادري کي ماحولياتي ??بد??لي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??بد??لين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي ??بد??لي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر ک??ن وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي م??ئل?? قرار ڏيندي چيو ته ??ربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.