اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروع??تي طبي ??مد??د ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل ??مد??د جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيا??ي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل ??مد??د جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيا??ي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.