باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار جي فروغ لاءِ مفاهمت جي قرارداد تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جي واپار واري وزارت ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزارت جي وچ ۾ واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن واري تقريب هتي باڪو ۾ ٿي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ واپار واري وزير سيد نويد قمر ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف قرارداد تي صحيحون ڪيون. واپار جي مفاهمتي قرارداد تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون خاص طور تي تو??نائي جي شعبي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو.