باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي قيادت ٻنهي ملڪن ??ي حصيداري عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفا?? ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ روس کانپوءِ آذربائيجان مان ايندڙ مهيني کان رعايتي ايل اين جي ڪارگو پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا. آذربائيجان ڪابينا آذربائيجان کان ايل اين جي پاڪستان آڻ?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??زي??اعظم کي اها خوشخبري ڏني وئي. ??زي??اعظم شهباز شريف گذريل ڇهن مهينن کان ان ڊيل تي ڪم ڪري رهيو هو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان ڊيل تي باضابطا عملد??آم?? شروع ٿي ويندو. آذربائيجان جي قومي ايل اين جي ڪمپني هر مهيني رعايتي قيمت تي هڪ ايل اين جي ڪارگو پاڪستان موڪليندي. ??زي??اعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ??وانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ، دفاع، سيڙپڪاري ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفا?? ڪيو. آذربائيجان پاڪستان جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو، آذربائيجان پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ مدد ڪندو، ملاقات ۾ اتفا?? ڪيو ويو. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ آذربائيجان جي ڪمپني سوڪار حڪومت سان حڪومت جي سطح تي پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آذربائيجان پاڪستان مان ايندڙ چانور تي د??آم??ي ڊيوٽي جي ڇوٽ جي ٺوس نظام جي تياري تي اتفا?? ڪيو. آذربائيجان جي صدر چيو ته آذربائيجان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان د??آم??ي چانور تي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏئي چڪو آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفا?? ڪيو ته آذربائيجان جي آذر ايئرلائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جي لاءِ ٻه اڏامون هلائيندي، شمسي توانائي جي شعبي ۾ آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو، دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ٻنهي ملڪن ??ي قيادت ۾ اتفا?? ڪيو ويو. پاڪستان دنيا جو ٻيو ملڪ هو جنهن آزادي کانپوءِ آذربائيجان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪيو هو. پهرين مارچ 2017ع تي اي سي او اجلاس جي موقعي تي ??زي??اعظم نواز شريف ۽ صدر الهام عليوف دفاعي مصنوعات گهرائڻ جي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.