اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث ڪالهه به جاري رهي. ان دوران ميمبرن گذريل حڪومت جي معاشي تباهه ڪارين باوجود متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي معاشي ٽيم کي مبارڪباد ڏني. بجيٽ ۾ آبادگارن، پورهيتن ۽ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو وي وآهي جنهن سان انه?? جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. بجيٽ ۾ زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ان شعبي تي ڌيان ڏئي اس??ن بحرانن مان نڪري سگهون ٿ??. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني آئي?? جي حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته ملڪ جي هر شهريءَ کي هڪجهڙا حق ۽ آزادي حاصل آهي، اس???? جي سياسي اڳواڻن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو، 9 مئي جي واقعن بعد به سزا نه ڏني وئي. هن چيو ته عوامي مسئلا ساڳيا برقرار آهن، اس??ن حڪومت جا اتحادي آهيون پر اس??ن انارڪي نٿا چاهيون ۽ نٿا چاهيون ته ملڪ کي نقصان ٿ??ي. هن چيو ته بجيٽ بڻائڻ وقت اس??ن کان راءِ نه گُهري وئي، بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ طريقيڪار واضح نه آهي. 1100 ارب کان وڌيڪ جي ترقياتي بجيٽ ۾ ٽيڪس حاصل ڪرڻ وارن شهرن لاءِ وڌيڪ م??صو??ا رکڻ جي ضرورت هئي، جن شهرن مان اس??ن 92 کرب ٽيڪس حاصل ڪري رهيا آهيون ان لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب رپين رکيا پيا وڃن. هن چيو ته مهانگائيءَ جو هدف 21 سيڪڙو ٻُڌايو پيو وڃي پر حقيقي شرح ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. دفاع جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي، بي آءِ ايس پي لاءِ 450 ارب جي رقم رکيل آهي جيڪا سٺو سنوڻ آهي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر چوڌري محمد اشرف چيو ته ننڍا ڊيم بڻايا وڃن. نهرن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي سستي ترين بجلي حاصل ٿي سگهي ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي توجهه ڏني وڃي. متبادل ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ڀاڻ تي ٽوڪن جو سلسلو ڪامياب نه رهيو، ان لاءِ بهتر آهي ته ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪيڙي مار دوائ?? جي ڪا فيڪٽري پاڪستان ۾ ناهي، هيءَ پيداوار پاڪستان ۾ هئڻ گهرجي. شميم آرا پنهور بجيٽ ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ ۾ پگهارن ۾ اضافو سٺو سنوڻ آهي. ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ به سوچڻو پوندو. هن چيو ته آبادگارن لاءِ قرض جي حد ۾ اضافو ۽ زريع ٽيوب ويلز کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي شعبي کي هٿي حاصل ٿيندي. نزهت پٺاڻ چيو ته موجوده مشڪل حالتن ۾ حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪيو آهي. هن وقت عالمي سطح تي مهانگائي ۽ ٻيون معاشي مشڪلاتون موجود آهن. اس??ن حڪومت جي معاشي ٽيم کي متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿ??. هن بجيٽ ۾ اس??عمال ٿيل ڪپڙن تي ٽيڪس جي ڇوٽ جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته اس???? جي ماڻهن کي امداد ڏيڻ بجاءِ کين روزگار ڏيڻ تي توجهه ڏنو وڃي. هن 9 مئي جي واقعن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانو?? جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته گذريل سال آيل ٻوڏ سان متاثر علائق?? جي ماڻهن کي اڃا به ڏُکيائ??ن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن، متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي م??صو??ن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، بجيٽ ۾ آءِ ٽي ۽ زراعت لاءِ مراعتون سٺو سنوڻ آهي پر اس??ن کي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شيل سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. هن چيو ته ٻوڏ سان سنڌ م زرعي شعبو بُري طرح متاثر ٿيو آهي، اهو شعبو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستا?? جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هار??ن کي زرعي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي تقسيم جي معاهدي مطابق پاڻي فراهم ڪيو وڃي. مولانا ڪمال الدين چيو ته قرض?? جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيستائين اس??ن پنهنجي ادارن کي ڪنٽرول ۾ نه آڻينداسين ان وقت تائين قرضن جو ناسور جاري رهندو. هن چيو ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي ماڻهو ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث آهن انهن کي ايف بي آر جي اهلڪار?? جي معاونت حاصل آهي، اهڙيءَ طرح اسمگلنگ ۾ به اهلڪار?? جي معاونت شامل هوندي آهي، اس??ن کي قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ وارن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، اس??ن کي بلوچستا?? جي بنجر زمين وارن علائقن کي پوکيءَ لائق بڻائڻو پوندو، ڪڇي ڪينال جا فيز ون ٺهي چڪو آهي. فيز ٽو تي اڃا ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هي م??صو??و مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب ايندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر طاهر اورنگزيب چيو ته بي آءِ ايس پي جو فائدو پٺتي پيل علائق?? جي ماڻهن کي ٿيڻ گهرجي. بلوچستا?? جي ڏورانهن علائق?? جي ترقي هئڻ گهرجي. بلوچستان ۽ ايرا?? جي سرحد تي هڪ مارڪيٽ بڻائي وئي آهي اتان روينيو ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اتحادي پارٽين سمورن اختلافن باوجود ملي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ جي مفاد کي مٿاهون رکيو. نواز شريف ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سمورين ڌُر??ن کي هڪ ميز تي ويهاريو، دهشتگردن کي ٻيهر متحرڪ ڪندڙن کي قانو?? جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، وزير پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪم ڪندا آهن. اتحادي حڪومت جي ڪوشش سان پاڪستان سفارتي لحاظ کان دنيا ۾ اڪيلائيءَ کان نڪري آيو آهي، اطلاعات واري وزارت طرفان صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس فنڊ جو قيام اهم اڳڀرائي آهي. پ پ جي عورت ميمبر شما النساء بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پاڻي جي رسد لاءِ گريٽر واٽر اسڪيم لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. آبادگار دوست بجيٽ تي حڪومت مبارڪب?? جي حقدار آهي. 50 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ اهم م??صو??و آهي. سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۾ رليف اهم آهي. مسرت رفيق مهيسر چيو ته مشڪل حالتن ۾ حڪومت سٺو بجيٽ ڏنو آهي ۽ پورهيتن ۽ـ آبادگارن کي بهتر قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي جي مجرمن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي، ان روش جي مذمت ڪريون ٿ??، سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۾ واڌ ڪري هڪ وڏي آباديءَ کي رليف ڏنو ويو آهي، هي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿ??.