اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??يب??پختونخواهه کي ت??قي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت ??يب??پختونخواهه جي ت??قي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ت??قي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يب??پختونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??يب??پختونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ??يب??پختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ت??قي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان م??قع?? تي وزيراعظم چيو ته ??يب??پختونخواهه کي ت??قي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت ??يب??پختونخواهه جي ت??قي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ت??قي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان ??يب??پختونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته ??يب??پختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. ??يب??پختونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ??رڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ??ري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.