ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ملي وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال جي حوالي سان مسئلن جو ادراڪ آهي، جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ان وقت مهانگائي عروج تي هئي. ڪراچي ?? صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيت?? کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سيڙپڪار اصل ۾ دنيا ۾ پا??ستان جا سفير آهن جيڪي پا??ستان ۾ روزگار، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ پنهنجو سرمايو لڳائين ٿا، پا??ستان جي لاءِ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جون وڏيون خدمتون آهن ج?? کي اسان ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت به مهانگائي هئي جڏهن ته عالمي ٻاڙائي ۽ پا??ستان ۾ غيرمستحڪم سياسي صورتحال مهانگائي جو وڏو سبب آهي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت واعدو ڪري ٽوڙي ڇڏيو جڏهن ته گذريل سال تاريخ جي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ آئي جنهن تباهي مچائي ڇڏي، انهن متاثرين جي بحالي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، وفاق هڪ سئو ارب رپين جو حصو وڌو، صوبائي حڪومتن پڻ پنهنجي وسيلن مان حصو وڌو، ان جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن متاثرين جي بحالي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافي پڻ بري طرح متاثر ڪيو، پا??ستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو امپورٽ جو بل گذريل سال جو هو. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ دوران ايل اين جي جون قيمتون انتهائي گهٽ هيون جڏهن ته ان وقت معاهدو نه ڪيو ويو، ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، 3 ڊالر کان قيمت 30 ڊالر تائين پهچي وئي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاران پروگرام جي لاءِ سخت شرطون پيش ڪيون ويون ۽ ملڪي مفاد ۾ اهي مڃڻيون پيون، پا??ستان جا دوست ملڪ اڄ به پا??ستان جي ترقي لاءِ سٺا جذبا رکن ٿا، انهن بنا ڪنهن شرط جي مدد ڪئي، چين پنهنجا قرض ملتوي ڪري ڇڏيا، ڪمرشل قرض?? کي پڻ چيني بئنڪن ملتوي ڪري ڇڏيو، اسان جي سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ٿي وڃي، چين سان دوستي جو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته 1950ع، 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪاروباري طبقي پا??ستان جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو جڏهن ته اڄ روانگي واپار بدران لينڊ ڊيولپمينٽ ۽ گهڻ منزلا عمارتن جي تعمير تي وسيلا لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاروباري طبقي کي هر هڪ سان ٺاهي رکڻي هوندي آهي ان تي ڪنه?? کي اعتراض نه آهي پر گذريل هڪ سال ۾ معاشري جي هر طبقي ۾ ورڇ ٿي ان پا??ستان جي بنياد?? کي لوڏي ڇڏيو. هن چيو ته اسان جي قوم باصلاحيت آهي ۽ پا??ستان جو خواب ڏسندڙن جو اهو خواب هو ته پا??ستان اسلامي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پا??ستان ۾ اها صلاحيت آهي، هڪ سال ۾ جيڪا ذهنيت بڻي، 9 مئي تي ان ذهنيت اهو ڪري ڏيکاريو جنهن جو دشمن به نه سوچي سگهندو هو، ماضي ۾ اهڙي قسم جي واقعن جا مثال نه ٿا ملن، سرحدن جي محافظن سان اهڙي قسم جو وحشياڻو عمل ۽ دهشتگردي ڪڏهن نه ڏٺي، 65ع ۾ ڀارت به اهو نه ڪري سگهيو، ڀارت جي ٽينڪن جي اڳيان ليٽي ملڪ جي سلامتي جي جنگ وڙهندڙن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي. هن چيو ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي طور تي تمام گهڻا چئلينجز آهن، مهانگائي جو ادراڪ آهي، اسا?? کي جيڪڏهن ملڪ جي حالت بدلائڻي آهي ته اڳ ۾ پنهنجي حالت بدلائڻي پوندي، اقتدار الله انهي لاءِ بخشيو آهي ته ٻين جي حالت بدلايو، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪريو، خوشحالي آڻيو، ان جي لاءِ هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ايف بي آر پاران هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? کي ماضي وانگر ٻيهر پنهنجو مقام ٺاهڻو آهي.