اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي شهري جي ٽن امپورٽيڊ گاڏين جي غلط نيلامي تي رقم جي ادائيگي ۽ معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف شڪايت ڪندڙ جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر چيو ته ڪسٽمز عملدارن شهري کي بنا نوٽيس جاري ڪرڻ جي ٽي گاڏيون اٽڪل 30 لک رپين جي گهٽ قيمت تي نيلام ڪيون، ايف بي آر شهري کان معافي وٺي ۽ نيلام ٿيل ٽن گ??ڏين جي قيمت ادا ڪري. هن چيو ته شهري پاران ادا ڪيل ڪسٽم ڊيوٽي پڻ غيرمجاز ڪليئرنگ ايجنٽن کي واپس ڪئي وئي جيڪي بعد ۾ رقم کڻي گم ٿي ويا، ايف بي آر سمورين رسيدن/ دستاويزن جي تصديق ڪري، گاڏين جي قيمت مو??ب رقم واپس ڪري ۽ درآمد ڪ??دڙن/ مالڪن کي ادا ڪيل ڊيوٽي/ چارجز واپس ڪري. صدر چيو ته شهري سمورا دستاويز فراهم ڪري ته جيئن ايف بي آر 30 ڏينهن جي اندر ادائيگي ڪري سگهي، رقم جي ادائگي ۾ منافعو به شامل ڪيو وڃي ڇو ته نيلامي جي رقم سرڪاري خزاني ۾ پيل رهي. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف افتخار احمد اعواڻ (شڪايت ڪندڙ) جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي آهي. تفصيل مو??ب جاپان ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي خاندان جي ذاتي استعمال جي لاءِ قانوني طور تي ٽي گاڏيون درآمد ڪ??ون، قانوني گهرجون ??وريون ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر گاڏيون ??ه ڇڏيون ۽ ڪسٽم عملدارن ٽن گ??ڏين کي نيلامي ۾ 3019385 رپين جي قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ايف بي آر کي نيلامي جي رقم ادا ڪرڻ ۽ گهٽ رقم جي ادائيگي جي سببن جو تعين ڪرڻ جو چيو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ کي گاڏين جي نيلامي جي رقم جي ادائيگي مروجه مارڪيٽ ريٽ تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سموريون رسمي ڪارروايون ??ڪمل ڪرڻ کانپوءِ گاڏين کي غلط ٽرمينل تي لاٿو ويو، ڪسٽمز درآمد ڪ??دڙن کي بنا ڪنهن اطلاع جي گاڏيون ??يلام ڪري ڇڏيون، غيرمجاز ڪليئنرگ ايجنٽس کي ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درآمد ڪ??دڙن/ مالڪن کي وڏو ??ال?? نقصان ٿيو. ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي نمائندي مو??صلات ۽ نظام ۾ رڪاوٽن جي ڪري معاملي ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جي غلطي جو اعتراف ڪيو. ايف بي آر جي نمائندي ٻڌايو ته رقم وٺي گم ٿي ويندڙ ايجنٽس جا لائيسنس پڻ رد ڪ??ا ويا آهن. صدر چيو ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ پاران درآمد ٿيل گاڏين جي غلط هينڊلنگ کان انڪار ناهي ڪيو ويو ۽ بدانتظامي ثابت ٿي وئي، عملدارن جي ڌيان نه ڏيڻ سان درآمد ڪ??دڙن/ مالڪن کي وڏي ??ال?? نقصان ۽ ذهنيت کي منهن ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ال?? نقصان لاپرواهي، رابطي جي کوٽ ۽ ڪسٽمز جي قائم ڪيل ڪليئرنگ سسٽم کان انحراف جي ڪري ٿيو. صدر چيو ته شهري کي پنهنجي غلطي جي ڪري نه پر ڪسٽمز عملدارن جي غلطي سان نقصان ٿيو. صدر شهري جي اپيل منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر گاڏين جي قيمت مو??ب رقم ادا ڪري.