اسلام آباد- 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي سفيرن، سياسي اڳواڻن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳوا??ن سميت هزارين ماڻهن پڻ صدر مملڪت سان گڏ فيصل مسجد ۾ عيد نم??ز ادا ڪئي. صدر مملڪت عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ روايتي جوش ۽ جذبي سان ??له??ئي پئي وڃي. ان موقعي تي اسلام آباد جي فيصل مسجد، ملڪ ??ي ٻين مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ ٿيل عيد نماز جي اجتماعن ۾ ملڪ ??ي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.