اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي ??ي سفارتڪارن سمي?? زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمايان شخصيتن، ايوان صدر جي عملي ۽ سندن وارثن سمي?? زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ عيد ملن پروگرام ۾ صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عيد جون مبارڪ??ن ڏنيون. بيگم ثمينه عارف علوي به ان موقعي تي صدر مملڪت سان گڏ هئي. صدر مملڪت ايوان صدر ۾ مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سان عيدالفطر جي موقعي تي ملاقات ڪندڙ غير مل??ي سفارتڪارن صدر ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي عيدالفطر جون مبارڪ??ن ڏنيون ۽ گڏ تصويرون به ڪڍرايون. زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به صدر سان عيد ملن آجياڻي پروگرا?? ۾ ??لاقات ڪئي. عيدالفطر جي موقعي تي ايوان صدر آيل ٻين مهمانن به صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ تصويرون ڪڍرايون. ايوان صدر آيل مهمانن جي مٺي ۽ ٻين کاڌن سان تواضح به ڪئي وئي.