اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرد??ري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرد??ري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سف??ري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ??ٽو زرد??ري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شع??ن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.