اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي عيادت جي لاءِ سندس رهائشگاهه تي وڃي سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي مواصلات و??رو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ مولانا لطف الرحمان پڻ موجود هئا. وزيراعظم مولانا فضل الرحمان جي خ??ريت معلوم ڪئي، سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.