اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستان?? شهرين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يا?? موجب ٻن پاڪستان?? شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آزاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. ??يا?? موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اهي پاڪستان?? شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.