اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته سندس هنگري جو دورو پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيهي وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي پنهنجي هم منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ٽن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ??هن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪستان ۽ هنگري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون ??ڏهن ته ٽئين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هنگري جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب اسڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ مفاهمت جي ان ياداشت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻ?? پ??ڪستان ۽ پاڪستاني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته هنگر?? پ??ڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري هنگري جي سفيرن جي سالياني ??انفرنس کي پڻ خطاب ??يو. سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ??ند?? پ??ڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ??ي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري جو هنگري اچڻ ت?? پ??ڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀ??و زرداري دوري دوران هنگري جي هم منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنه?? پ??ڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون ??ي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پاڪستان?? پ??ڏيهي وزير پاران هنگري جو هي پهريون ??رڪاري دورو هو.