اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي ساما?? سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل امدادي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽيمن ??ي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي ??ي خصوصي جهاز بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق په??نديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.