ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا ??امهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي م??نهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي م??قعي تي پاڪستان پ??يل??ن جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي م??صوبن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي م??ل متن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سل??لي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي م??نهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سل??لي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي م??صوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سل??لي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.