لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان روس جي توان??ئي واري وز??ر نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي ??قتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توان??ئي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي و??د جي آجيان ڪندي وز??راعظم روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي ??عاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وز??ر وز??راعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي ??قتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توان??ئي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وز??راعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنم??ئي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.