اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي م??ئي?? ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بل??چستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي م??ئي?? ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري ت??صي?? موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بل??چستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور، قلات، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري ??ور?? مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خان، راجن ??ور?? گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، ملتان، بهاول??ور?? رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان آهي.