اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهرواريءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايا، بينظير ڀٽو سياست ۾ تدبر، بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستا?? جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته بينظير ڀٽو عورت سياسي ڪارڪن?? جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ا?? جي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي، سندس شهادت پاڪستان جو تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پاڪستان کپي“ جو نعر?? هڻي پاڪستا?? جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلا??ات واري وفاقي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.