اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خا?? منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خا??دان جو مذاق اڏايو وي??، فتح س??ائ?? جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خا?? ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ منهنجي خا??دان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين س??ائ?? جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.