اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سڀاڻي پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022?? تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. چين جي صدر شي جن ??نگ ۽ وزيراعظم ??هب??ز شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022?? تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن ??نگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم ??هب??ز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم ??هب??ز شريف سان گڏ هوندو. وزيراعظم ??هب??ز شريف جو ٻن ڏينهن جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم ??هب??ز شريف جي دوري دوران چين جي صدر شي جن ??نگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جا به امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي ح??ال?? سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022?? تي ٿيو هو.