اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سا?? پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀ??رت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خود??خت??اري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاقي وزير چيو ته اس??ن هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سا?? گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڀ??رت ڄاڻي وٺي ته 75 سا??ن ۾ هر ايندڙ نسل ڀ??رت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.