اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ريليف ول??ج جا 100 گهر تيار ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منزيز گلوبل ايوي ايشن جي سي اي او فلپ جوئيننگ ملاقات ڪئي جنه?? ۾ ??ن رڪارڊ مدي ۾ 100 گهرن جي تعمير تي فلپ جوئيننگ ??ا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته وزيراعظم 2 سيپٽمبر تي ٽانڪ جي دوري دوران 100 گهرن جي تعمير جو واعدو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 3 سيپٽمبر تي جڳهه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ 7 سيپٽمبر تي ٻنهي جاين جي سروي مڪمل ڪري 11 سيپٽمبر تي تعمير شروع ڪئي وئي. ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انهن گهرن کي رڪارڊ مدي 24 ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو. گهرن جي تعمير کانسواءِ ول??ج ۾ سولر سسٽم جي سهولت سان ليس اسڪول، ڪلينڪ ۽ ٽيوب ويل پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اهي گهر سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن جي تعمير ۾ جديد تعميراتي مٽيريل ۽ ٽي??نا??اجي استعمال ڪئي وئي، ول??ج ۾ قائم ڪيل اسڪول ڪمپيوٽرز سميت جديد سهولتن سان ليس آهي جڏهن ته ا?? ۾ ??ائم ڪلينڪ جي ذريعي مقامي آبادي کي صحت ۽ علاج جون سهولتون دستياب هونديون. گهرن جو نقشو ملڪ جي ناليواري آرڪيٽيڪٽ علي نقوي تيار ڪيو. ان بستيءَ جي ڀرپاسي 9000 مقامي وڻن جي وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم گهرن جي تعمير تي ڪمپني جي سي اي او کي شاباس ڏيندي ان جي جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته 100 گهرن جي تعمير ٻوڏ متاثرين جي آبادڪاري ۾ اهم قدم ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ان گروپ 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ مٺن ڪوٽ، راجن پور ۾ 270 گهر تعمير ڪيا هئا جڏهن ته اهو گروپ پاڪستا?? ۾ ??وابازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ اسڪئينگ ريزارٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.