اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي ??عل??ن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان جي عوام سان ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪ??هن فرا??وش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاڪستان جي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي امداد جو ??عل??ن ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي ٻ??ڏ متاثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ڏني ويندڙ شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران ڏني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏو عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اهو ان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سندس ان جذبي کي ڪ??هن به فرا??وش نه ڪندي، ان سان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏي مدد ملندي. پاڪستاني عوام سان توهان جي محبت ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.