اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ سومر تي اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم آفس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير اعظم هائوس ۾ اجلاس ۾ اعلي عملدارن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي بابت قدمن جو جائزو وٺندو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ۽ پيسن جي ادائيگي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم جي گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ??ان ٽيليفون تي ڳاله?? ٻولهه ٿي هئي. وزيراعظم آرمي چيف سان سنڌ صوبي ۾ امدادي ڪاررواين بابت معاملن تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ رابطن روڊن ۽ پلين جي تباهي سبب هيليڪاپٽر جي ??راهمي جي ??دايت ڪئي هئي. وزيراعظم کي اڄ جي اجلاس ۾ هيليڪاپٽر ذريعي امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو ويندو. ٻوڏ سبب سنڌ صوبي ۽ بلوچستان ۾ زميني رابطو ڪٽجڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ??راهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار جي ??وري روڪ رقم جي ??راهمي جي عمل ??و جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم سنڌ صوبي جي ??وڏ متاثرين ۾ فوري روڪ رقم ورهائڻ جو گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو.