اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو سڀاڻي آچر ڏي??هن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، ملڪ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي سطح تي مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، ا??هن جي شروعات ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائن س??ن ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي باباءِ قوم ق??ئداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن ٺاهڻ جي لاءِ سندس اڻٿڪ ڪوشش?? تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون ٿينديون جن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پڻ شرڪت ڪندا. آزادي جي ڏهاڙي کان اڳ سرڪاري ۽ نجي عمارتن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جه??ڊا، تحريڪ پاڪستان جي بانين جون تصويرون ۽ بينرز جڳهه جڳهه تي هنيا ويا آهن. پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ڏي??هن جي مناسبت سان مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اخبارون خصوصي ايڊيشن شايع ڪنديون. ڪراچي ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي شاندار تقريب ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي لاهور ۾ علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي خصوصي تقريب ٿيندي. ملڪ جي ٻين حصن وانگر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڏي??هن جي مناسبت سان صدر ۽ وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ شريڪ ٿيندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ جي ورڇ جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ هن ڏي??هن پاڪستان برطانيا کان آزاد ٿي وجود ۾ آيو هو. 14 آگسٽ جو ڏي??هن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام هن ڏي??هن پنهنجو قومي جه??ڊو فضا ۾ بلند ڪندي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سميت پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سمورن رست?? تي قومي جه??ڊن جي وڪري جي لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن ج??هن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف سبز هلالي جه??ڊن جي بهار نظر اچي رهي آهي. اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جو?? تياريون عروج تي آهن، پاڪستان س??ن گڏوگڏ آزادي ڪشمير جا جه??ڊا به اسٽالز تي موجود آهن. آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ جدوجهد ۽ پاڪستان جي قومي هيروز جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ وچن ورجائڻ پڻ آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي ان جي حقيقي منتقل تائين پهچائڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.