اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارليام??ني ڪميٽي علا??قا??ي ۽ داخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ ??ئي?? جي دائري تحت ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ا?? عمل جي نگر??ني جي لاءِ پارليام??ني ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته ??ئي?? پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارليام??ني ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارليام??ني ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارليام??ني ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته دهشتگردي ۽ ا??تهاپسندي جي خلاف پاڪستان غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته ??ئي?? پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ ۽ ا?? جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ هئي، آهي ۽ رهندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته انهن جي قربانين ۽ ا??م حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقلي جي حڪمت عملي جو حصو آهن. اجلاس زور ڏئي چيو ته پاڪستان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ا??هن جي خوشحالي جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ??ئي?? پاڪستان جي دائري جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن علا??قا??ي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عملدرآمد ??ئي?? پاڪستان جي حدن جي اندر ضابطي جي ڪارروائي جي تڪميل ۽ پاڪستان حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارليام??ني ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارليام??ني اوورسائيٽ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني جيڪا ??ئي??ي حدن ۾ ان عمل جي نگر??ني جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته اڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.