اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف چيو آهي ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت ??ائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي هڪ خوش آئنده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو. اسپيڪر سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب گوجر خان ۾ اخوت ??ائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر راجا پرويز ا??رف چيو ته اخوت ??ائونڊيشن جي سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ڊاڪٽر امجد ثاقب جي عوامي خدمتن جي اڻٿڪ جذبي کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. راجا پرويز ا??رف چيو ته اخوت ??ائونڊيشن جي عوامي خدمتن جي ڪارنامي کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، انسانيت ج?? ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهو ئي ملڪ ۽ قوم جا حقيقي هيرو آهن، وچولي ۽ پيڙهيل طبقي جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ هڪ عظيم ڪارنامو آهي، مستقل مزاجي ۽ مضبوط ارادي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن تي قوم کي فخر آهي. راجا پرويز ا??رف چيو ته مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر الله تعاليٰ گوجر خان جي عوام جي خدمت ج?? موقعو فراهم ڪيو آهي، گوجر خان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، گوجر خان ۾ هن وقت ترقياتي منصوبا جاري ٿي چڪا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت ??ائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي هڪ خوش آئنده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو.