اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مر??وم هڪ سينئر سياستدان هو ۽ هن جي سنڌ نه پر پوري پاڪستان لاءِ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ??يندو. هتي جاري بيان ۾ هن چيو ته مر??وم سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو سدائين قانونسازي جي عمل ۾ پنهنجي هر طرح جي مدد فراهم ڪئي، هو سدائين معاشري جي پيڙهيل طبقن جي حوالي سان قانونسازي ۾ اڳيان اڳيان رهيو، الله تعاليٰ مر??وم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ ??وص??ي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.