انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص مع??ون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪيءَ جو هي پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پا??ستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??دا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سال پا??ستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پا??ستان جي وچ ۾ غيرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي. ترڪيءَ جا پرڏيهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات ڪندا. وزيراعظم ترڪيءَ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪيءَ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم پا??ستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پرڏيهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي اي آئي ڪي) جي حصيداري سان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم انهن تقريبن دوران پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پا??ستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پا??ستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.