اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان ۽ گهٽ رهتن جي وصولي وارن فيڊرز کانسواءِ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، وز??را??ظم ن??ين توانائي پاليسي تيار ڪرڻ ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار 22 هزار 634 ميگاواٽ تا??ين پهچي وئي اهي، وڌيڪ خساري وارن فيڊرز تي لوڊ مئنيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيدنگ گهٽ ڪرڻ جي ??اء?? اضافي وسيلا گهربل آهن، عذاب عمراني، بدانتظامي ۽ نااهلي سان توانائي جو شعبو به متاثر ٿيو آهي، آ??ين تحت صدر وز??را??ظم جي ايدوائيس تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، وز??را??ظم جي اختيارن جي حوالي سان آ??ين واضح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو ته گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ جي ??اء?? اضافي وسيلا گهربل هوندا، وز??را??ظم ۽ وفاقي ڪابينا توانائي واري وزارت کان ان سلسلي ۾ مالي وسيلا فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن جي مثبت جواب جي اميد آهي. هن چيو ته 31 مئي 2018ع تي جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪيو هو ته ان وقت ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٻڙي هئي ۽ طلب کان وڌيڪ بجلي سپلائي ڪئي پئي وئي پر 26 اپريل تي جڏهن مون کي ان وزارت جي ذميواري ملي ته ملڪ ۾ لوڊشيدنگ جو وقت ڏهاڙي 8 کان 12 ڪلاڪ هو ۽ 7 هزار 104 ميگاواٽ بجلي جي پيداواري صلاحيت بند پيل هئي ان ۾ 5800 ميگاواٽ بجلي ان ??اء?? پيدا نه ٿي رهي هئي ته اڳوڻي حڪومت بجلي جي پيداوار جي ??اء?? ٻارڻ جو انتظام نه ڪيو هو ۽ 1300 ميگاواٽ بجلي پاور پلانٽس جي مرمت ۽ بحالي جي ڪم جي ڪري سسٽم ۾ نه اچي رهي هئي. هن چيو ته عذاب عمراني، بدانتظامي ۽ مافيا جي سرپرستي جي ڪري توانائي جو شعبو به متاثر ٿيو، هاڻي وز??را??ظم شهباز شريف ملڪ ۾ هڪ وسيع البنياد حڪومت جي قيادت ڪري رهيو آهي، هن پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پهرين مئي کان 10 مئي تا??ين لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اڄ بجلي جي پيداوار 22 هزار 634 ميگاواٽ آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڳوٺاڻن علائقن مان لوڊشيڊنگ جون شڪايتون مليون، وفاقي ڪابينا کي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ت?? سڄي ملڪ م فيڊرز جي ڪيٽيگريز ٺاهيون ويون آهن، اي، بي ۽ سي ڪيٽيگريز جتي بجلي جا نقصان 30 سيڪڙو کان گهٽ آهن اتي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، وڌيڪ نقصان ۽ گهٽ رهتن جي وصولي وارن فيڊرز ۾ لوڊ مئنيجمينٽ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته وز??را??ظم هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ن??ين توانائي پاليسي ٺاهي وڃي ته جيئن ايندڙ 10 سالن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ توانائي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته سج جي روشني ۽ هوا سان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي آهي، اڳ ۾ ڪوئلي سان به سستي بجلي پيدا ٿيندي هئي پر هاڻي ا??ين نه آهي، سولر پاور، ونڊ پاور ۽ هائيڊل پاور جنريشن وڌائڻ جي ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن، ٿر ۾ ڪوئلي جي پنهنجي ذخيرن کي به وڌ کان وڌ استعمال ۾ آندو ويندو، 2018ع کان اڳ جيڪي بجلي گهر اتي لڳايا ويا هئا انهن جي پيداوار به اچڻ شروع ٿي ويندي، سي پيڪ کي اڳوڻي حڪومت نقصان پهچايو، 1320 ميگاواٽ جي بجيل جي پيداوار جو منصوبو اڳوڻي حڪومت جي نالائقي ۽ بدنيتي جي ڪري اڳتي نه وڌي سگهيو هو، ان جي به پيداوار جي شرواعت ٿي ويندي، 22634 ميگاواٽ ۾ نيوڪليئر ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪي ٿري ۽ ڪي فور پاور پلانٽس جي پيداوار به شامل آهي. هن چيو ته وز??را??ظم هدايت ڪئي آهي ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ توازن پيدا ڪيو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي پر اسان ان کي پورو ڪنداسين، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نظام ۾ به بهتري آندي ويندي، 100 ارب رپيا جيڪڏهن اضافي ملي وڃن ته ايندڙ 5 کان 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ کي محدود ڪيو ويندو، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ توازن آڻڻ جي پاليسي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. وز??را??ظم خاطري ڪرائي آهي ته توانائي جي شعبي کي گهربل وسيلا فراهم ڪيا ويندا، ايل اين جي جي فراهمي جي ??اء?? قدم کڻڻ تي پيٽروليم واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جا ٿورائتا آهيون، مئي جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ 10 کان 8 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪري اسان ثابت ڪيو آهي ته موجوده وسيع البنياد حڪومت محنت ۽ عوام جي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان کي روشن ڪرڻ اڳوڻي وز??را??ظم ميان نواز شريف جو مشن هو، اسان ان مشن کي پورو ڪرڻ جي ??اء?? ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي رهندي، ايندڙ 10 سالن جي ??اء?? اسان پاليسي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن مستقبل جي توانائي جي ضرورتن جي پيش بندي ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ خرم دستگير خان چيو ته اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جي ڪري بجيل جا ڪيترائي ڪارخانا بند ٿيا. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته آ??ين تحت صدر وز??را??ظم جي ايڊوائيس تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، صدر 3 اپريل تي پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور کي هٽائڻ جي ايڊوائيس قبول ڪري ورتي هئي، جيڪڏهن صدر وز??را??ظم جي ايڊوائيس تي عمل نه ٿو ڪري ته آرٽيڪل 6 ۾ آ??ين سان انحرافي جو ذڪر موجود آهي، وفاقي ڪابينا واضح راءِ ڏني آهي ته ملڪ آ??ين ۽ قانون تحت ئي هلندو، آ??ين کان انحرافي بلڪل واضح ٿي وئي آهي ۽ صدر وٽ وز??را??ظم جي ايڊوائيس تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو ڪو جواز موجود نه آهي، آ??ين ان حوالي سان بلڪل واصح آهي، اسان عمران خان جي فسطائيت جي خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي آهي اها آ??ين جي عملداري جي ??اء?? هئي. هن چيو ته ان معاملي جو جائزو وٺڻ جي ??اء?? ڪميشن ٺاهي پئي وڃي، گورنر جي مقرري جي حوالي سان وز??را??ظم جو اختيار بلڪل واضح آهي، هي هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ ان کي خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته توانائي جي شعبي جون رهتون 30 جون تا??ين ادا ڪيون وڃن، هي هڪ مالياتي چئلينج آهي، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي به رهتن جي وصولي وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، بجلي جي شعبي ۾ توازن ۽ تسلسل آڻينداسين.