اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان ۾ ا??را?? جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ا??را?? هڪ ٻئي سان گڏيل مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن ۾ جڙي?? آهن. پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف خوش آئنده آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ تڪرارن جو مستقبل حل انٽر آهي، القدس شريف تي اسرائيلي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ مسلمان امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انساني حقن جون پائماليون انتهائي قابل مذمت آهن، پاڪستان ا??را?? سان توانائي، واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. پارلياماني سطح تي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو مل??دو. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ القدس شريف تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ امت کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ا??را??ي سفير چيو ته ا??را?? پاڪستان سان پنهنجي پراڻي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، القدس شريف ۾ جاري غير قانوني قبضي جي خلا?? اڄ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ القدس جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور خصوصي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، القدس شريف جي حرمت، تقدس ۽ ان تي اسرائيلي غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ا??را?? پاڪستان سان توانائي ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو.