اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه ??ي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه ??ي متاثرين جي امداد لا??ِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لا??ِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واض?? رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو ??ي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.