اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پن??نجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، پن??نجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ڪشميري عوام عالمي ضمير کي ان وقت تائين جهنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ??لم اڄ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪشم??ر ۾ مسلمان اڪثريت کي پن??نجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪشمير سان نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صو??تح??ل بابت وڌندڙ عالمي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ زميني صو??تح??ل جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.