راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ??ابر ا??تخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا ??اڪ??تاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ ??اڪ??تان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباه?? ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل ??ابر ا??تخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا ??اڪ??تاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چيو ته ??اڪ??تاني ايئر ڊفينس ۽ ??اڪ??تان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل ??ابر ا??تخار چيو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ ??اڪ??تان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباه?? ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چيو ته ??اڪ??تان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ??اڪ??تان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪ??هن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به ??اڪ??تان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چيو ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪ?? رابطو ناه?? ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر ا??و ٿيندو ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.