اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگ??ي ٿو، افغانستان جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان افغان عوام سخت متاثر ٿي رهي ??هي، سنڪيانگ ۾ صورتحال اهڙي نه آهي ??يتري اولهه ميڊيا پيش ڪري رهي ??هي، ڀارت والاريل ??ش??ير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، ان جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جي قرباني ڏني. آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي خصوصي انٽرويو ۾ هن هڪ سوال جي جواب م چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي طالبان حڪومت کي پسند ??ه ڪرڻ جدا شيءَ آهي پر اهو اٽڪل 4 ڪروڙ افغان عوام جي بقاءَ جو سوال آهي ??ن مان اڌ انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ ورتل آهن، انهن کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، افغانستان جي سرديءَ تمام ظالم ۽ بي رحم آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن جي حوالي سان افغان عوام جي لاءِ هر ڪو فڪرمند آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگ??ي ٿو، اها صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي ??ه طالبان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهن سان انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن ۽ شموليتي حڪومت جي مطالبن تي ڳالهه ڪئي وڃي، پابنديون لڳائڻ ۽ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ سان انساني الميو جنم وٺندو ۽ افغانستان افراتفري جو شڪار ٿيندو، افغان پناهگيرن جو سيلاب اچي سگ??ي ٿو، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک افغان پناهگير آهن، افغانستان ۾ امن دنيا ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي انگ ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي جنگ دوران وسيع پئماني تي جاني نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏئي چڪو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا کي ڊرون حملن جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۾ خودڪش حملن جو سيلاب آيو. سنڪيانگ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي جي حڪمراني آهي، والاريل ??ش??ير ۽ سنڪيانگ جي معاملي جو تقابلي جائزو ئي غلط آهي، ڀارت والاريل ??ش??ير ۾ معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، والاريل ??ش??ير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي، دنيا ان تڪرار کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سنڪيانگ جي صورتحال ڄاڻڻ جي لاءِ پنهنجي سفير معين الحق کي سنڪيانگ موڪليو، ان موجب صورتحال اهڙي نه آهي ??هڙي تصوير ڪشيءَ اولهه ميڊيا ڪري رهي ??هي.