اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته اڄ ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف اڄوڪو ڏينهن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن سان گڏ گذ??ريندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه سيڪيورٽي فورسز جا جوان جن جو عزم پهاڙن کان بلند ۽ جذبن ۾ سمنڊ کان وڌيڪ سگهه آهي، اسان جو فخر به آهن ۽ اسان جو مان به، پاڪستان جا اهي پٽ ملڪ لاءِ عظيم آهن.