اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊيڪل يونيور??ٽي ۾ آغا خان يونيور??ٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيور??ٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي نظام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيور??ٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ??رڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ??ري. ان کان اڳ ص??ر کي آغا يونيور??ٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ ت??قي?? بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيور??ٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ ت??قي?? جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيور??ٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيور??ٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.