اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مريءَ ۾ سخت برفباري سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. جاري بيان ۾ هن چيو ??ه ان قدرتي آفت جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن جيڪي انتهائي افسوسناڪ آهن. سينيٽ چيئرمين عملدارن تي زور ڏنو ته اهي رستن جي فوري صفائي ۽ ڦاٿل خاندانن کي ڪڍن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان آفت جي متاثرين کي هر ممڪن ??يل??ف ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي. سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين محمد مرزا آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ م??الف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ??هي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ??هي.