اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌا??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي جي رومانيه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. رومانيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لا??اپ??، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومانيه جي پرڏيهي وزير بوگدان اوريسڪو رومانيه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لا??اپ?? جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل ??ا??اپ?? کي ??اراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌا??ڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي ??حال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.