اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وسيع قدرتي وسيلن مان فائدو ک??ڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا جي لاءِ جامع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي وزيرن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندي. تڪميل کانپوءِ اهو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ??ند??، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآ??د وڌائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين تعليم، صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ موجود وسيع قدرتي وسيلن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو ک??ڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپ??ين?? پروجيڪٽ جي تعمير لاءِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.