اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان ج?? تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين ج?? خصوصي خطاب ڏ??و، حضور نبي ڪ??يم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ??يڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته ??نهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان ج?? قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته ??اڪستان ج?? تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته ??اڪستان ج?? تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.