نٿيا گلي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آه?? ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپاري ڪن، ان راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪنداسين، اسان جي حڪومت سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آه??، اسان جي مخالفت ڪرپٽ ماڻهو ڪري رهيا آه??، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آه??، رڳو سياحت جي فروغ ذريعي پاڪستان پنهنجو ٻاهريون قرض لاهي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نٿيا گلي ۾ عالمي هوٽل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم جي لاءِ عطيا گڏ ڪرڻ ۽ بعد ۾ سياست ۾ متحرڪ ٿيڻ جي ڪري انهن جو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين سان تم??م گهڻو رابطو رهيو آه?? ۽ هو انهن کي تمام ??ٺي طرح ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو تم??م وڏو اثاثو آه??. بدقسمتي اسان انهن مان صحيح معنيٰ ۾ فائدو نه کڻي سگهياسين ڇو ته اسان جي ملڪ جو نظام ??هڙو آه?? جنهن ۾ حڪومت عوام ??ي لاءِ نه پر پنهنجي فا??دي جي لاءِ سوچي ٿي جڏهن ته حڪومت جو ڪم عوام ??و فائدو ڏسڻ ۽ انهن جي ضرورت پوري ڪرڻ هجڻ گهرجي. اها اسان جي نظام ??ي خرابي آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ضرورت دولت ۾ ا ضافو ڪرڻ آه?? ڇو ته دولت ۾ اضافي سان نوڪرين جا موقعا وڌندا ۽ ٽيڪس جي ادائگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسان قرض واپس ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. حڪومت ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهي آه??. اسان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيا آه??ون ته جيئن اهي هتي اچي سيڙپڪاري ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته 90 لک پاڪستاني ٻاهر آه??، انهن جي سالياني آمدني 22 ڪروڙ ماڻهن جي برابر آه??. سڀ کان وڌيڪ دولتمند ۽ هنرمند پاڪستاني پاڪستان کان ٻاهر آه?? ڇو ته سسٽم انهن کي هتي ??وقعا فراهم نه ڪيا. جڏهن اهي ٻاهر ويا ته اتي ??ڃي ڪامياب ٿي ويا ڇو ته اتان جو نظام ??هتر هو. موقعا نه هجڻ جي ڪري ملڪ جو ٽيلينٽ ٻاهر هليو ويو. وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا. ماضي جي حڪومتن روانگي واپار وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته ملڪ روانگي واپار سان ئي امير ٿيندو آه??. وزيراعظم چيو ته سنگاپور جو 300 ارب ڊالر جو روانگي واپار آه?? جڏهن ته اسان جو روانگي واپار هن سال 30 ارب ڊالر ٿيڻ جي اميد آه??. اسان تم??م گهڻيون شيون برآمد ڪري سگهون ٿا پر ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي پر حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري رهي آه??. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار وڌڻ سان دولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ رپيو مضبوط ٿيندو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا فراهم ڪندي. ماضي ۾ انهن جي پلاٽن تي ??بضا ٿي ويندا هئا. اهي 15، 15 – 20، 20 سال ٻاهر محنت ڪري هتي اچي پلاٽ وٺندا آه?? ته انهن جي پلاٽن تي ??بضا ٿي ويندا هئا ۽ اهي هن سسٽم آڏو بيوس ٿي ويندا هئا. اسان ملڪ جي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آه??ون. جيئن جيئن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ??ائم ٿيندي ويندي سمنڊ پار پاڪستاني پاڻ هتي اچي سيڙپڪاري ڪندا ڇو ته انهن ۾ اهو اعتماد هوندو ته انهن جي ملڪيت ۽ پلاٽن تي ??بضو نه ٿيندو. وزيراعظم چيو ته وڏن وڏن ماڻهن ملڪ جي دولت ڦري ٻاهرئين ملڪ محل ٺاهيا، ڪرپٽ ماڻهو گڏجي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا آه?? ۽ اهي سسٽم کي ٺيڪ ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين ڇو ته انهن هن ڪرپٽ نظام مان فائدو کنيو آه??. اهي پاڪستان بدران پاڻ ٻاهرئين ملڪ وڃي سيڙپڪاري ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ??دمن جي ڪري صورتحال بهتر ٿي رهي آه??. اسان بهتري طرف گامزن آه??ون. صنعتون هلي پيون آه??، سيڙپڪاري اچي رهي آه?? ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تم??م گهڻا موقعا موجود آه??. اسان کي ان سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آه??. خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان سياحت جي شعبي ۾ ڪيترائي قدم کنيا جن جي ڪري گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ موجب غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي. وزيراعظم چيو ته دولت ۾ اضافو سياحت جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. گليات ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تم??م وڏو قدم آه??. ان سان دولتمند ماڻهو سياحت جي لاءِ ايندا ۽ اسڪئينگ ۽ ريزارٽس کي فروغ ملندو. اسڪئينگ جا جيترا موقعا پاڪستان ۾ ايترا ڪٿي ٻئي هنڌ نه آه?? ڇو ته پاڪستان ۾ سردين ۾ جابلو علائقن ۾ دير تائين برف رهي ٿي. وزيراعظم چيو ته عيد جي موڪلن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 27 لک سياح آيا. اسان سياحتي جاين جي زوننگ ڪنداسين ۽ سياحتي جاين کي ليز تي ڏينداسين. حڪومت سياحت جي شعبي جي ترقي لاءِ زمين سستي اگهن تي ڏيندي ڇو ته سياحت اهڙو شعبو آه?? جنهن کي فروغ ڏئي اسان پنهنجو ٻاهريون قرض لاهي سگهون ٿا. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن. حڪومت انهن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندي.