اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن وا??ي تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري ر??ندي. افتتاحي تقريب ۾ خيا??ن جو اظهار ڪندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي ر??است جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ??يا??ي ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ??يا??يو وڃي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به ??ڀن?? مسئ??ن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.