اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ته ??او?? سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شهرين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون ميسر اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??او?? اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ??او?? سٽي تحت سيفائر- بي منصوبي تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته 2000 هزار ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو ??يو آهي، ان کانسواءِ منصوبو مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي سرگرمين کي جنم ڏيندو. ??او?? سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منصوبا جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سان حڪومت کي ملندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو ??يو آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سان ??او?? سٽي تي 15 هزار ايڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي سرگرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته تازو ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي ??او?? سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا جنهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گرين – ??يڪ سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان عالمي معيار جا فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ??او?? سٽي منصوبي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام جاري ڪيو ??يو جنهن سان هن وقت تائين 25 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن، هلندڙ سال جون کان نوجوانن جي پهرين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ??يو ته ان جي پهرين سب – ??يز ۾ زمين جي نشاندهي ??ئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار ??هري دلچسپي جو اظهار ??ري رهيا آهن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي منصوبي کي جاري ڪندو، جنهن سان ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين کي استعمال ۾ آندو ويندو.