اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مريم نواز جي نيب پيشي تي سياسي جٿن جي استعمال جي ڌمڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪ??هن کي قانون جي پڪڙ کان ??چڻ جي لاءِ پرتشدد حربن جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ڏسي رهي آهي ته هڪ عورت سياسي پليٽ فارم استعمال ڪندي جواب ڏيڻ بدران ا??اري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز جو گذريل ڏي??هن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مريم نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کان آجي ماڻهو جو لڳي رهيو هو. هن چيو ته فضل الرحمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، ا??هن ماڻهن سياست ک?? غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.